مٽياري (رپورٽر) مٽياري پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري موٽر سائيڪل ۽ ٽرانسفارمر چوري جي گينگ جا 4 ڄڻا گرفتار ڪري 4 موٽر سائيڪل ۽ ٻه ٽرانسفارمر هٿ  ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ مٽياري پوليس موجب ايس ايچ او مٽياري ذوالفقار اوڍاڻو جي سربراھي ۾ مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي موٽر سائيڪل چوري جي گينگ جو ھڪ جوابدار گرفتار ڪري 4 چوري جا موٽر سائيڪل جڏھن ته ٽرانسفارمر چوري جي گينگ جا 3 جوابدار گرفتار ڪري 2 ٽرانسفارمر برآمد ڪري  ورتا آھن. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي مٽياري پير الھرکيو قريشي ۽ ايس ايچ او مٽياري ذوالفقار اوڍاڻو گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته علائقي ۾ موٽر سائيڪل چوري جا واقعا وڌي ويا ھئا جنھن بعد اسان ڪوششون ڪري علائقي مان موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ گينگ جو ھڪ جوابدار گرفتار ڪري سندس قبضي مان چوري جا 4 موٽر سائيڪل برآمد ڪيا آھن جڏھن ته ان گينگ جا ٻه جوابدار روپوش آھن. هنن چيو ته ھڪ جوابدار شاھ عالم شاھ جي وسي جو رھواسي راشد کوسو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چوري جا 4 موٽر سائيڪل برامد ڪيا آھن جڏھن ته ان گينگ جا ٻه جوابدار الھورايو مجيداڻو ۽ سھيل کوسو  روپوش آھن. گرفتار جوابدار جي نشاندھي تي 4 موٽر سائيڪل هٿ ڪيا ويا آهن. هنن ٻڌايو تہ علائقي جي زميندارن سيد حاجي جلال شاھ ڄاموٽ ۽ حاجي خداڏنو ڏيٿو ڪيس داخل ڪرايو تہ سندن زمين تان ٽرانسفارمر چوري ٿي ويا آھن، جنھن بعد اسان حڪمت عملي سان ڪاروائي ڪندي، ٽرانسفارمر چوري ڪري ان مان ڪوائل ڪڍي وڪرو ڪندڙ گروھ جي ٽن جوابدارن ويرو ڪولھي. رامزن ڪولھي ۽ منجي ڪولھي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان چوري ڪيل ٻہ ٽرانسفارمر برامد ڪري ورتا آهن. ايس ايچ او مٽياري جو چوڻ ھو تہ جوابدار واپڊا عملدارن جھڙي وردي پائي 11 ھزار ڪي وي جي ٿنڀن مان تارون ۽ ٽرانسفارمر چوري ڪندا ھئا