ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ ٻوڏ متاثر خاندان جي 15 سالا نينگري مبينا گم ٿي وئي، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، خدا جي بستي ۾ قائم ٻوڏ متاثر لاءِ  ٽينٽ سٽي۾ ترسيل دادو واسي ٻوڏ متاثر 15 سالا ناري ڪرن ملاح مبينا طور گم ٿي وئي. سندس وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي سائيٽ ٿاڻي تي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي ورتي آهي، وارثن پاران سائيٽ پوليس تي نينگري کي مبينا اغوا ڪندڙ جوابدار ڌر سان ٻٽ هجڻ جو الزام لڳايو ويو آهي، نينگري جي امڙ  رضيا ملاح ڌيء جي بازيابي لاء  ايلاز ڪندي چيو آهي ته سندس دانهون دانهن ڪير به ٻڌڻ لاءۡ تيار ناهي، ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ناهي، جوابدار ڌر طاقتور آهي جنهن ڪري پوليس انهن ۾ هٿ نٿي وجهي، ڌيء بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.