شڪارپور/ ڪرمپور (رپورٽ: وحيد بروهي/ سيف الله بجاراڻي) ڳڙھي تيغو پوليس چوڪي جي ميس انچارج پوليس اھلڪار زبير شاھ سپاھين کي سحري ڪرائڻ لاءِ ويندي ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويو، ڳوٺ نور محمد شجراع رحيم آباد سان تعلق رکندڙ زبير شاھ کي ڳڙھي تيغو سنڌو درياءَ بند تان پرائيويٽ بورچي زاھد ملڪ سميت اغوا ڪيو ويو، ٿوري پنڌ کانپوءِ بورچي کي ڇڏيو ويو، زبير شاھ روزو رکي دلشير ڪوٽ چوڪي جي سپاھين کي افطاري ڪرائڻ پئي ويو ته نامعلوم ھٿياربندن پاران کنڀجي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڳڙھي تيغو انچارچ غلام حسين سولنگي جي 125 موٽر سائيڪل تي سوار ٿي سحري ڪرائڻ لاءِ ويو ته اغوا ٿي ويو، پوليس ڪارروائي ڪري خالي ڪيل ڪيترن گهرن کي پڻ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، هوڏانهن پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پوليس ٽن کان وڌيڪ ڏوھارين کي گرفتار کي نامعلوم ھنڌ منتقل ڪيو آھي، ٻئي پاسي ايس ايس پي شڪارپور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻرن مان نڪتل ڪجهه ڌاڙيلن جو پتو پئجي ويو آهي ڪجھ گرفتاريون پڻ ڪيون ويون آھن، هن چيو ته جلد مغوي بازياب ٿيندا ۽ اغوا وارداتن ۾ ملوث ڌاڙيل پڻ قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچي ويندا.هوڏانهن ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ھدايت الله ميمڻ، عبدالرزاق شيخ ۽ منظور سولنگي به بازياب ناهن ٿي سگهيا.ايس ايس پي شڪارپور مختلف ٿاڻن جي پوليس سان گڏ پهچي واردات واري هنڌ جو معائنو ڪري واپس روانو ٿي ويو پوليس پاران مغوي اهلڪار جي بازيابي لاء راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪچي ۾ آپريشن دوران سبزوئي گينگ جي 3 عورتن کي گرفتار ڪيو، عورتن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڏوهارين پوليس اهلڪار زبير شاهه کي اغوا ڪيو آهي.