سکر: ساحل ڪمار آريجا جي بازيابي پوليس جي دٻاءَ بعد عمل ۾ آئي يا راڄوڻي ڪوششن رنگ لاتو، مختلف چوٻول. ذريعن مطابق ساحل ڪمار آريجا جي بازيابي پوليس جي پريشر سبب ٿي آھي، پوليس ڌاڙيلن جي ڪجھه ويجھن مائٽن ۽ سھولتڪارن کي گرفتار ڪيو ھو، اھڙي دٻاءُ تي نوجوان کي ڌاڙيلن ڇڏي ڏنو. ٻئي پاسي اهي به اطلاع آھن ته نوجوان جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن ذريعي عمل ۾ آئي آھي.