ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي پهرين ڏهي جي سيڪيورٽي قدمن جي تسلسل کي جاري رکندي ٺوس انتظام ڪيا وڃن،  ڪراچي، ميرپورخاص، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد پوليس رينجز ۾ سيڪيورٽي جا سمورا انتظام انٽيليجنس بنيادن تي غير معمولي ڪيا وڃن،  رينجز، زونن ۽ ضلعن جي لحاظ کان حفاظتي قدمن جي نگراني، وقت به وقت رپورٽنگ ۽ جاري ٿيل  حڪمن تي  عملدرآمد ڪرايو وڃي، مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري سميت ڏوهن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون وڃن، اسنيپ چيڪنگ، گشت، پڪٽنگ تحت مسجدن، تراويح نماز جي کليل هنڌن ۽ امام بارگاهن ۾ سيڪيورٽي جا اتتظام هر سطح تي غير معمولي بڻايا وڃن، ٻئي ڏهي جي شروعات سان سمورين مارڪيٽن، بازارن، شاپنگ سينٽرن ۽ ٻين صنعتي ۽ واپاري مرڪزن تي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي،  سيڪيورٽي فرضن جي ادائگي دوران قانون جي پاسداري ڪندڙ شهرين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف يا پريشاني نه ٿيڻ گهرجي،  سيڪيورٽي ڊيوٽي دوران بليٽ پروف جيڪٽس ۽ هيلمٽ جو استعمال يقيني بڻايو وڃي، سمورن پوليس هيڊ ڪوارٽرز/ بيسز تي رزرو پلاٽون تيار رکيون وڃن،  سمورن پارڪنگ لاٽس جي نگراني سان گڏ ٽريفڪ جي رواني کي به يقيني بڻايو وڃي، سمورا ايس ايس پيز ۽  ايس ڊي پي اوز  سيڪيورٽي معاملن جي نگراني ڪندا،  لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي به پنهنجن  علائقن ۾ موجود رهڻ جو پابند بڻايو وڃي