گهوٽڪي/ مريد شاخ (رپورٽ: ماجد سنگهڙ/ فيض الله سميجو) مريد شاخ ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾جڙتو پوليس مقابلو، پوليس هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل 2 جوابدارن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ پوليس جي دعويٰ آهي ته گڊو لنڪ روڊ تي ڀارا اسٽاپ وٽ ڏوهارين ۽ کنڀڙا پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، آمهون سامهون فائرنگ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا. پوليس مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان ٻه پستول پڻ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جي سڃاڻپ علي حسن پٽ محمد عمر جاگيراڻي ۽ ياسر عرف صدام پٽ بدلو جاگيراڻي طور ٿي آهي. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري ضلعي گهوٽڪي جي ڪچي جا رهواسي آهن، جيڪي ڪنڌڪوٽ، سکر ۽ گهوٽڪي پوليس کي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هئا. جوابدار ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هئا. معمول جي گشت دوران هنن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻئي ڏوهاري موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته سندن ٻه ساٿاري اونداهه جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا.  مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻئي طرف ڀروسي جوڳن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مقابلو ڄاڻائي ماريل علي حسن جاگيراڻي کي گهوٽڪي اي سيڪشن پوليس هڪ ڏينهن اڳ حسين ٻيلي روڊ تان گرفتار ڪيو هو.