شڪارپور آپريشن ۾ شهيد اهلڪارن جو ڪيس داخل، سردار تيغو خان تيغاڻي به نامزد

0
1078

شڪارپور: شڪارپور آپريشن ۾ شهيد اهلڪارن جو ڪيس ناپرڪوٽ ٿاڻي تي پوليس جي مدعيت م داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس کي اطلاع مليو ته مغوي نقيب الله ۽ عنايت الله کي ڌاڙيلن، خيرو، جان محمد ۽ جهنگل تيغاڻي ٻيلي ۾ لڪائي رکيو آهي جن کي سرپرستي تيغو خان تيغاڻي، عبدالفتاح ۽ عمران تيغاڻي ڪندا آهن ته ڀنگ لاءِ ماڻهو اغوا ڪيو ۽ پوليس اچي ته مٿن حملو ڪيو. اهڙي اطلاع تي 5 پوليس پارٽيون ترتيب ڏئي اي پي سي چين گاڏين ۽ هٿيارن سميت ڪچي ڳڙهي تيغو واري علائقي ڏانهن روانا ٿياسين، ڏوهارين جي گهرن ڀرسان پهتاسون ته هٿياربندن پوليس پارٽي تي راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب اي پي سي چين ضلعي شڪارپور کي فائر لڳا ۽ اهلڪار زهد ابڙو ۽ غلام سرور زخمي ٿي پيا، جن کي کڻائي واپس ڏوهارين ڏانهن وڌياسين ته اطلاع مليو ته ڏوهارين اي پي سي چڇين تي راڪيٽ لانچر جا گولا فائر ڪيا آهن، جنهن سبب اي پي سي جو ڊرائيور عبدالخالق سولنگي، منور جتوئي ۽ فوٽوگرافر حسيب شيخ شهيد ٿي ويا آهن. اسان هڪدم سندن مدد لاءِ پهتاسون، جتي زخمين کي پوليس موبائل ۾ منتقل ڪيوسيون.