اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي پي ڊي ايم جي شوڪاز نوٽيس کي غيراخلاقي حرڪت قرار ڏئي ڇڏيو، يپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم ۾ واپس نه وڃڻ واري موقف تي قائم آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پي ڊي ايم بابت موقف هڪ اصولي موقف آهي. پيپلز پارٽي پي ڊي ايم ۾ واپس وڃڻ جو اڃا تائين ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي بنياد رکندڙ پارٽي سان ڄاڻي واڻي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو سڀني جي سامهون آهي. پيپلز پارٽي هڪ جمهوري پارٽي آهي ڪنهن جي ذاتي ايجنڊا لاءِ غير جمهوري ۽ غير پارلياماني قدمن جي حمايت نٿا ڪري سگهون. جڏهن ته قمر زمان ڪائره چيو آهي ته شاهد خاقان پ پ کي شوڪاز نوٽيس موڪلي غيراخلاقي حرڪت ڪئي، شاهد خاقان جا لفظ اهڙا هئا، جيئن هو بادشاهه سلامت هجي، سندس ڳالهه ٻولهه مذمت جوڳي آهي. هن چيو ته نواز ليگ لنڊن چيپٽر جي خواهش آهي ته عمران خان جي حڪومت نه ڪيرائي وڃي، پي ڊي ايم خاقان جي ٻانهي ناهي، پي ڊي ايم ۾ طئي ٿيو هو ته فيصلا اتفاق راءِ سان ٿيندا، هن چيو ته ڪالهوڪي دعوت اپوزيشن ليڊر جي هئي، پي ڊي ايم جي دعوت نه هئي.