اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽي جي اتحاد ۾ واپسي کي مشروط ڪري ڇڏيو، ڪالهه نواز ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ گڏيل مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ون آن ون ملاقات ۾ شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي پي ڊي ايم ۾ واپسي جي تجويز ڏني، اهڙي تجويز تي مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي آگاهه ڪيو ته پيپلزپارٽي جي پي ڊي ايم ۾ واپسي ان وقت ٿي سگهي ٿي جڏهن هو پنهنجي غلطي تسليم ڪن، ٻنهي سياسي پارٽين کي پي ڊي ايم جي اتحاد سان رجوع ڪرڻ لاءِ ڀرپور وقت ڏنو پر انهن هن وقت تائين پي ڊي ايم جي اتحاد سان ڪو رابطو ناهي ڪيو، ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي ٻڌايو ته 29 مئي تي پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ في الحال پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي گهرائڻ جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي، انهن ٻنهي پارٽين جي واپسي جو فيصلو سربراهي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي پي ڊي ايم جي توهين ڪئي آهي، ان توهين جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي، اي اين پي ۽ پيپلز پارٽي وارن کي چيو آهي ته هو پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪن، پنهنجي جلد بازي ۾ ڪيل فيصلي تي انهن ضرورت کان وڌيڪ موقف ڏنو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه پارٽي جي ٻن ڏينهن واري مجلس شوريٰ جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم جي طرف کان سمورين سياسي جماعتن جو احترام ڪيو پر پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي بيانن پي ڊي ايم جي توهين ڪئي، جنهن جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت هن وقت ايتري ميچوئر ناهي جو سياستدانن جي پروٽوڪول کي فالو ڪري سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ فضل الرحمان چيو ته جيستائين تحريڪ پنهنجي اصولن تي قائم آهي ته ان کي مستقبل سان ڳنڍي سگهجي ٿو، پي ڊي ايم جي تحريڪ پنهنجي اصولن تي قائم آهي، ان حوالي سان ڪجهه دوستن قربانيون ڏنيون ان ڪري اسان کي اميد آهي ته اسان پاڪستان کي هڪ روشن مستقبل ڏينداسين، هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ جي ڪا به تجويز موجود ناهي، پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ انهن سياسي پارٽين جا سربراهه شرڪت ڪندا، جيڪي اتحاد جو حصو آهن، پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ ويهي اهو غور و فڪر ڪري فيصلو ڪنداسين ته ٻنهي سياسي جماعتن کي شموليت جي درخواست ڪجي يا نه، هوائن ۾ فيصلا نه ڪيا ويندا آهن، هر ڪنهن کي پنهنجي آئيني دائريڪار ۾ رهڻ گهرجي، ان حوالي سان ڪنهن کي به ڪا ڳالهه بري نه لڳڻ گهرجي، ملڪ کي اڪيلا سياستدان نه هلائيندا آهن، ملڪ کي بيورو ڪريسي ۽ اسٽيبلشمينٽ به هلائيندي آهي، هن چيو ته ملڪ اندر ٿيل ضمني چونڊن ۾ جيڪو نتيجو آيو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري ته انهن چونڊن جو نتيجو ڇا نڪرندو آهي ۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڪردار ادا ڪري ته انهن چونڊن جو نتيجو ڇا هوندو آهي، هن چيو ته پارٽي جي مجلس شوريٰ جي اجلاس ۾ اويڪيوٽرسٽ ايڪٽ کي قرآن، سنت ۽ آئين جي خلاف قرار ڏيندي رد ڪيو ويو آهي ان قانون تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ موڪليو وڃي، حڪومت مدرسن لاءِ نوان بورڊ منظور ڪري مدرسن جو نظم و ضبط تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جي يو آءِ ڪنهن به طرح سان ڪنهن هڪ به مدرسي کي سرڪاري مدرسي ۾ شموليت ڪرڻ نه ڏيندي، اسان سمجهون ٿا ته حڪومت جا مدرسن جي حوالي سان اهڙا فيصلا عالمي قوتن جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ آهن، مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اسان جو اهو عزم آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي ٽيڪ تي جوڙيل مدرسن وارا نوان بورڊ غير موثر ڪيا ويندا، ماضي ۾ پرويز مشرف به ماڊل مدرسا قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو جيڪو ناڪام ٿي چڪو آهي، فضل الرحمان چيو ته آمريڪي ڊرون جي مخالفت ڪرڻ عمران خان جو ڊرامو نڪتو، پاڪستان ۾ آمريڪي فوج کي ايئربيس ڏيڻ جي خبرن تي ڳڻتي آهي، اهڙو فيصلو 2001ع ۾ به ڪيو ويو هو، هن چيو ته افغانستان خلاف پاڪستاني سرزمين استعمال لاءِ ڏيڻ جنگ ۾ ڍڪڻ برابر آهي، جنگ لاءِ اڏا ڏنا ته جنگ کي دعوت ڏينداسين، پاڪستان جي سرزمين ۽ فضا ڪنهن جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.