اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز پ پ کي پي ڊي ايم ۾ واپس آڻڻ جي صورت ۾ شاهد خاقان پاران اتحاد جو عهدو ڇڏڻ واري بيان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي اپوزيشن اتحاد جي شوڪاز جو جواب ڏئي پوءِ سندس واپسي بابت فيصلو ٿيندو، شهبازشريف جي دعوت جو پي ڊي ايم سان تعلق ناهي، جتي شهبازشريف هجي، اتي منهنجي موجودگي ضرورت نه آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته اپوزيشن جو ڪو نئون اتحاد ناهي، پي ڊي ايم موجود آهي، پي ڊي ايم فيصلو ڪيو هو ته رمضان کانپوءِ اجلاس ڪوٺايو ويندو، جيڪو ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ فيصلا ڪنداسين، هن چيو ته پيپلزپارٽي اڃا پي ڊي ايم جي شوڪاز نوٽيس جو جواب ناهي ڏنو، جواب آيو ته ويهي ڏسنداسين ته ڪيترو ٺوس جواب آهي ۽ اڳتي ڇا ڪرڻو آهي پر نواز ليگ ۽ پي ڊي ايم جو هڪ ئي موقف آهي. ان موقعي تي مريم نواز شاهد خاقان پاران پ پ کي اپوزيشن اتحاد ۾ واپس آڻڻ تي پي ڊي ايم تان جنرل سيڪريٽري طور استعيفا ڏيڻ واري آڇ جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته جيڪو شاهد خاقان جو موقف آهي، اهو ئي منهنجو موقف آهي، ان معاملي تي نواز ليگ ۽ فضل الرحمان جو هڪ ئي موقف آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته شهبازشريف جيڪو آجياڻو ڏنو، اهو پي ڊي ايم جو نه هو، هن اپوزيشن ليڊر طور آجياڻو ڏنو، جيڪا بجيٽ سيشن جي پلانگ هئي. آجياڻي ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته هر شئي مان سازش ڳولڻ کي ڇڏيو، آئون پارليامينٽرين ناهيان، شهبازشريف جو ڪردار اپوزيشن ليڊر جو آهي، هن پارلياماني اڳواڻن کي آجياڻو ڏنو، جتي شهباز شريف پاڻ موجود هجي، اتي منهنجي موجودگي ضروري به نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت جي ڊي پي گروٿ تي اهڙو ڪوڙ ڳالهايو، جيڪو سندن پنهنجا ماڻهو به مڃڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪڏهن معاشي ترقي جو درست پيمانو ڏسڻو آهي ته مون سان گڏ بازارن ۽ گهرن ۾ هليو، ڏسو ته ڪهڙي ريت هر طبقو مهانگائي سبب متاثر آهي، هلي ڏسو ته ماڻهن جي زندگي ۾ ڪهڙي گروٿ ٿي آهي، ماڻهو پٽي رهيا آهن، فڪس ميچ نه هجي، ٻه چار اسٽال خالي ڪري وڃڻ سان حالتن جو اندازو نه ٿيندو. اپوزيشن جي گڏيل ذميواري آهي ته مهانگائي جو معاملو اٿاري. هن چيو ته جيڪڏهن ارشد ملڪ جي شاهدي بعد نوازشريف ۽ شوڪت عزيز جي شاهدي بعد منهنجا سمورا ڪيس ختم ٿيڻ گهرجن، هي سياسي ڪيس ۽ انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي، هڪ نيب چيئرمين کي هٽائينداسين ته ڪو ٻيو اهڙو ئي نيب چيئرمين آڻيندا، مسئلو نيب چيئرمين جو ناهي، جيڪي نيب چيئرمين کان اهڙي ريت ڪم وٺن ٿا، انهن جو مسئلو آهي. مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ لاءِ ڪنهن جي مدد نه گهرجي، نواز ليگ وٽ نمبر پورا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چوڌري نثار جو نواز ليگ سان واسطو ناهي، قبول ڪرڻ جو سوال ئي نٿو ٺهي.

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي ٻيهر پي ڊي ايم جو حصو بڻي ته پي ڊي ايم وارا نئون سيڪريٽري جنرل ڳولين، آئون اصولن تي ڪابه سوديبازي نه ڪندس، منهنجا سينيٽ جي چونڊن بابت تحفظات برقرار آهن، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه احتساب عدالت ۾ ايل اين اين جي ريفرنس ڪيس ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهايئندي هن چيو ته ٽيون سال آهي ته مون خلاف هي ڪيس جاري آهي، مون عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ڪيمرا لڳائڻ جي درخواست ڏني جيڪا رد ڪئي وئي، هن ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ نقصان نيب پهچايو آهي، وفاقي ڪابينا جيڪي به فيصلا ڪري ان تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ ڪو به آفيسر تيار ناهي، نيب ۾ کنڊ وارو اسڪينڊل آيو جنهن ۾ نيب سڀني کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو، نيب جي ڪميشن ۽ مختلف رپورٽن جي باوجود خاموشي پراسرار آهي، رنگ روڊ واري اسڪينڊل تي به ڪجهه نه ٿيندو، موجوده وزيرن جا مختلف اسڪينڊلز ۾ نالا اچي رهيا آهن، انهن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته اصل جوابدار ٻيا آهن، براڊ شيٽ جي مامري تي نيب جو ملازم ملوث هو، اڄ اهو شخص مختلف شخصيتن جي انڪوائري ڪري رهيو آهي، وفاقي ڪابينا جا مشير ۽ وزير استعيفا ڏين ٿا پر انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ٿئي، گذريل ٽن سالن دوران نيب ڪنهن هڪ به مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ تي ڪيس ثابت نه ڪري سگهي آهي، هن چيو ته حڪومت هر وقت اپوزيشن کي دٻائڻ لاءِ سوچي رهي آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان پيپلز پارٽي کي ڪا به دعوت نه ڏني وئي آهي، مولانا فضل الرحمان واضح لفظن ۾ چيو آهي ته ٻئي سياسي جماعتون پنهنجو اعتبار بحال ڪن، پي ڊي ايم ۾ اها سياسي جماعت شامل ٿي سگهي ٿي جيڪا پنهنجو اعتماد بحال ڪندي، پيپلزپارٽي وارن کان وضاحت طلب ڪئي هئي، انهن وضاحت کي ڦاڙي ڦٽي ڪري ڇڏيو، پيپلزپارٽي وارا ان وضاحت کي پڙهن ۽ جواب ڏين، جواب ڏيڻ کان بغير انهن جي پي ڊي ايم ۾ ڪابه جاءِ ناهي.