ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار شهزور سبزواري ۽ اداڪارا سائره يوسف طلاق باوجود دوستي ۽ بهتر لاڳاپا قائم رکڻ جو سبب پنهنجي ڌيءُ “نوري” کي قرار ڏنو آهي. سائره يوسف ۽ شهزور سبزواري پنهنجي فلم “بي بي ليشيس” جي پروموشن ۾ مصروف آهن، ان حوالي سان سائره ۽ شهزور جو ويجهڙ ۾ ئي نجي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ سائره ۽ شهزور کي پنهنجي طلاق کانپوءِ دوستي قائم رکڻ ۽ بهتر لاڳاپا برقرار رکڻ تي ڳالهائيندي ڏٺو ويو آهي. انٽرويو دوران سائره ۽ شهزور ڌيءُ نوري کي ٻنهي وچ ۾ هن وقت تائين سٺا لاڳاپا رکڻ جو سبب قرار ڏنو ۽ ٻڌايو ته جڏهن اسان ڪنهن به انسان کي ترجيح ڏيندا آهيون ۽ جيڪڏهن اهو خاص طور تي اولاد هجي ته اوهان جا پنهنجا مسئلا ان اڳيان تمام ننڍا لڳڻ لڳندا آهن جنهن تي شهزور به اڳوڻي گهر واري سان اتفاق ڪيو.