ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپر ماڊل  ڪبريٰ خان جي سوشل ميڊيا ذريعي ساک خراب ڪرڻ واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اداڪاره ڪبريٰ خان جي درخواست تي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، اداڪاره خلاف مهم هلائيندڙ سمورا اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو معاملو پي ٽي اي حوالي ڪيو ويو آهي، کين يوٽيوب، ٽوئيٽر، انسٽاگرام ۽ ٻيا اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، جنهن تي عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست گذار ڪبريٰ خان جو چوڻ آهي ته اڳوڻي آرمي آفيسر ميجر عادل راجا ميڊيا انڊسٽري جي 4 اداڪارائن تي ڪوڙا الزام هڻي  اسانجي  عزت ۽ وقار کي مجروح ڪيو آهي، مواد هٽائڻ لاءِ ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي سان رابطو ڪيو ويو پر يوٽيوب تي وڊيو اپ لوڊ ڪندڙن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.  عادل فاروق راجا وري هڪ ٻي وڊيو ۾ وضاحت ڪري پراڻي موقف تان ڦري ويو آهي،