ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا مهرين شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته فلم جي شوٽنگ دوران انڊين پروڊيوسر مون کي جنسي هراسان ڪيو. رپورٽ موجب اداڪارا پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستاني ڊائريڪٽر احسان زيدي جي ذريعي آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ فلم جي شوٽنگ لاءِ ويس ۽ اتي انڊين فلم جي پروڊيوسر راج گپتا مون کي مختلف موقعن تي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مهرين شاهه وڌيڪ چيو ته انڊين پروڊيوسرجي خراب حرڪتن تي پاڪستاني ڊائريڪٽر احسان زيدي مڪمل خاموش هو ۽ کيس روڪڻ جي ڪوشش به نه ڪئي. اداڪارا جو چوڻ هو ته سندس سڌي انڪار تي مون سان مختلف ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، جڏهن بيمار هيس ته اسپتال به نه موڪليو ويو ۽ آخري ڏينهن جي شوٽ تي مونکي کاڌو به نه ڏنو ويو. مهرين شاهه چيو ته رات جو طوائفن کي هوٽل ۾ گهرايو ويندو هو جنهن ۾ انڊين پروڊيوسر ملوث هوندو هو. ان جي شڪايت ڪرڻ تي پاڪستاني ڊائريڪٽر مونکي چيو ته ڀلي نڪري وڃو. اداڪارا چيو ته هن وقت مان باڪو ۾ ئي آهيان ۽ پنهنجي پيسن جي ٽڪيٽ وٺي واپس پاڪستان اينديس.