ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ڪراچي جي ٽريڪٽرن جي واپاري شهزاد رياض خلاف موبائل فون کسڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ تي داخل درخواست جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪندي چيو آهي ته شهزاد رياض خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ظاهري طور تي  پراسيڪيوشن جي بدنيتي آهي، پاڪستان  جو آئين سمورن شهرين کي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو ، آئين ۾ جوابدارن جا به حق آهن، عدالت چيو ته درخواست گذار شهزاد رياض خلاف  سنڌ پوليس ۽ اينٽي ڪرپشن ڪيس داخل ڪيا، شهزاد رياض خلاف اڻڄاتل اعليٰ اختيارين جي چوڻ تي ڪيس داخل  ڪيا ويا، عدالت چيو ته شهزاد رياض خلاف موبائل فون کسڻ جو ڪيس 5 مهينا دير سان داخل ڪيو ويو پراسيڪيوشن قانون موجب ڪم ناهي ڪيو، عدالت شهزاد رياض جي 50 هزار روپين ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته عدالت جي اجازت بنا واپاري تي ڪو ڪيس داخل نه ڪيو وڃي. عدالت درخواستگذار کي 16 جون تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ياد رهي ته پوليس واپاري شهزاد رياض خلاف موبائل فون کسڻ جو  دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو هو.