غوثپور/ ڪرمپور (نمائندن وٽان) غوثپور ڀرسان ڳوٺ ميرواھ واري علائقي ۾ ھٿياربندن پورهيت مٺو  باگڙي جي گھر تي حملو ڪري سندس پٽ ڪرتار کي هٿيارن جا ڪنداق ۽ لٺيون ھڻي مرڻينگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي بعد باگڙي برادري  جي ماڻھن غوثپور شڪارپور انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، پوليس متاثرن کي جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرائي ڇڏيو، موهن باگڙي، روشن ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀتو نه ڏيڻ تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري نوجوان کي زخمي ڪيو، نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.