شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شهدادڪوٽ جي بي سڪيشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ درياءَ خان مستوئي ڀرسان رتوديرو موٽروي روڊ تي ڪار پيادل ڳوٺ ويندڙ 55 سال جي  پھلوان ٻٻر کي ٽڪر ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي پيرسن کي رستي ويندڙن تعلقي اسپتال پھچايو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال ريفر ڪيو ويو.پوليس موجب پيرسن کي ڊرائيور پنهنجي ئي ڪار ۾ تعلقي اسپتال کڻائي ويو آهي. ڪار ڊرائيور سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ گل محمد جي وانڍ جو رھواسي آهي.