سيوهڻ (ن پ ا) ڊائلاسز ۾ استعمال ٿيندڙ دوا نه ملڻ سبب سيوھڻ جي سيد عبد الله شاهه انسٽيٽيوٽ جو ڊائلاسز سينٽر   عارضي طور بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري گردن جي ڊائلاسز لاءِ مختلف شھرن ۽ ضلعن کان سيوھڻ ايندڙ مريض پريشان ٿي ويا آهن، ان حوالي سان  سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي پنهنجي بيان ۾ چيو  آهي ته ملڪي حالتن جي سبب جيڪي به دوائن جا امپورٽ ائٽم آهن اهي مارڪيٽ مان غائب ٿي ويا آهن يا ته پورٽ تي ڦاٿل آهن، يا وري ڊالر نه هجڻ سبب امپورٽر ٻاهران نه ٿا گهرائين، جنهن جي ڪري دوائن جي امپورٽ ائٽمن جي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي، هيپرين دوا نه ٿي ملي، جنهن سبب ڊائلاسز بند ٿي وئي آهي، تمام گهڻي ڪوشش آهي ته هيپرين دوا حاصل ڪري ڊائلاسز شعبي کي هلايون. هن چيو ته  جيسيتائين هيپرين دوا ملي تيسيتائين مريضن کان معذرت خوان آهيون.