گھوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪيءَ ڀرسان عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ڪلوڙ برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو شاھنواز ڪلوڙ سخت زخمي ٿي پيو. واقعي بعد زخمي شاهنواز ڪلوڙ کي علاج لاءِ سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو، جتان حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. اطلاع ملڻ تي عادلپور پوليس واقعي واري هنڌ پھچي ٻن جوابدارن ذوالفقار ڪلوڙ ۽ نجيب ڪلوڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.