شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شھدادڪوٽ ۾ شاھي بازار جي دڪاندارن مختلف روڊن کي ڏنل ڪٽ بند نه ڪرڻ خلاف طارق رند، بشارت مغل، ياسين ڪمبوھ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته شھر کي ٻوڏڻ کان بچائڻ لاءِ ايم پي اي نادر مگسي قمبر شھدادڪوٽ روڊ، ڳڙھي خيرو روڊ ۽ دوست علي روڊ کي  ڪٽ ڏياريا، بند نه ٿيڻ سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آهن.50 کان 60 ھزار دڪانن جو ڪرايو ھر مھيني ڀري ٿا ڏيون، روزگار نه ٿيڻ ڪري پريشان آهيون.  دڪاندارن گهر ڪئي ته روڊن کي ڏنل ڪٽ بند ڪرايا وڃن.