ڪوٽڙي(رپورٽر) ڊي سي ڄامشورو جي آفيس آڏو مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ ٻوڏ متاثرين جو واھر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻوهنيو ويو، ڪوٽڙي ۾ آيل مختلف علائقن جي ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ٿيڻ خلاف مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ ٻوڏ متاثرين پاران ڊي سي ڄامشورو جي آفيس ڌرڻو ھڻي زوردار نعري بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ يونس اوٺو، يوسف سارنگ، اعجاز سومرو، ديدار شام، مختيار چنا ۽ ٻين چيو ڊي سي ڄامشورو ٻوڏ متاثرين جي واھر ڪرڻ ۾ مڪمل طرح سان ناڪام بڻجي چڪو آھي، ٻوڏ متاثرين جو سامان من پسند ماڻھن کي ڏنو ٿو وڃي جڏھن ته متاثرين کلي آسمان ھيٺ بي يارو مدد گار ويٺل آھن، ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ڊي سي ڄامشورو کي ھٽائي متاثرين جي واھر ڪئي وڃي