نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيو سعيد آباد ۾ برسات متاثرين نيوسعيدآباد باء پاس تي ٽول پلازا وٽ ڌرڻو ٻئي پاسا روڊ بند ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، جنهن ڪري مسافر پريشان رهيا. ان ڏس ۾ ڳوٺ عبدالوحد ٻرڙا جي ڳوٺاڻن انور ٻرڙو حاڪم کوکر فدا ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو. سندن چوڻ ھو ته برسات سبب اسان جا ڳوٺ ٻڏل آھن روڊن تي ويٺل آھيون ڪنھن به واھر ناھي ڪئي ھنن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد رڳو حڪمران ڌر جي ماڻھن کي امدادي سامان ڏيئي رھيو آھي. ان دوران شيعا اڳواڻ ۽ ذاڪر علاما شھنشاھ نقوي روڊ بند ھجڻ ڪري ڦاسي ويو جنھن متاثرن سان ملي کائن مسئلا معلوم ڪيا.