جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ پراڻ ڍورو جي پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿيڻ لڳو، رهواسي خوف ۾ ورتل، جهڏو شهر توڙي سوين ڳوٺ بدستور پاڻي هيٺ، رهواسي بک ۽ بيمارين وگهي بيحال،ان ڏس ۾  جهڏو تعلقو برساتن ۽ پراڻ ڍورو سم نالن جي گهارن سبب ٻڏي سخت متاثر بڻيل آهي، تازو پيل برسات بعد پراڻ ڍورو جي پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿيڻ لڳو آهي ۽ ڪيترن ئي هنڌن تان پراڻ ڍورو جو پاڻي اوور ٽاپ ٿي شهر ۽ ڳوٺن احمد خان کوسو، پير بخش کوسو، رمضان رند، يونين ڪائونسل روشن آباد ۽ يونين ڪائونسل باکر جي علائقن ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جهڏو شهر جا ڪيترائي علائقا عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، کوسا پاڙو، غلام حسين ڪالوني، اسلم ٽائون سميت 80 سيڪڙو شهري علائقن ۾ 3 کان 6 فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي، مسلسل 25 ڏينهن کان پاڻي بيهڻ ڪري شهرين جا گهر ڪمزور ٿي رهيا آهن، جنهن سبب رهواسي سخت پريشان آهن، ٻي طرف روڊن رستن واھن شاخن جي ڪپرن تي پناهه وٺي ويٺل بي گهر ٿيل هزارين ٻوڏ متاثر واهر نه ٿيڻ ڪري بي حال بڻيل آهن، متاثرن کي سرڪاري طور اڃان تائين تنبو راشن دوائون توڙي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪيو ويو آهي، خراب پاڻي واپرائڻ ۽ مڇرن جي آزار سبب ڪيترائي ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي سخت پريشان بڻيل آهن، ٻي طرف جهڏو انتظاميا پاڻي جي نيڪالي توڙي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڪي به اپاءَ نه وٺي رهي آهي متاثر بي يارو مددگار ٿي سخت پريشان بڻيل آهن.