شهداد ڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ بدامني خلاف شهرين ٽئين ڏينهن به احتجاج جو سلسلو جاري رکيو، ان ڏس ۾ شهرين، سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي سياسي سماجي اتحاد جي اڳواڻ وزير علي کوسو، حاجي خان ڀٽو، امداد علي سومرو، ھوش محمد چانڊيو، انيل گرناڻي، حمل خان خشڪ، حسن علي شاهه، علي مگسي، آصف مگسي، پير بخش ڀٽي ۽ ٻين چيو ته پوليس شهر ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، هنن چيو ته احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، جڏهن ته ايندڙ آچر 11 جون تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي اڳتي جو لاحه عمل جوڙيو ويندو، هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ امن قائم ڪرائي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.