ٺٽو ( رپورٽر ) جھمپير جي ڳوٺ مولدي مياڻ ۾ مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل 14 ورهين جي ذهني معذور نينگري جي وارثن انصاف لاءِ  پريس ڪلب ٺٽي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.والد حيدر ماڇي ، والده، ھاشم سولنگي الزام هڻندي چيو ته ذهني معذور نينگري سان جوابدار حسن آٿو زيادتي ڪئي. جھمپير ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي. پوليس جوابدار کي گرفتار به ڪيو آهي پر ان کي ٿاڻي ۾ ئي ويهاري ڇڏيو آهي.  جڏهن ته هنن پاران زيادتي شڪار بڻيل ذهني معذور نينگري جا ڪپڙا پڻ جزن جي چڪاس لاءِ ڏنا ويا پر پوليس نه نينگري جا ڪپڙا جزن جي چڪاس لاءِ ليبارٽري موڪليا آهن ۽ نه ئي گرفتار جوابدار خلاف وڌيڪ ڪاروائي ڪئي آھي. جوابدار حسن آٿو جا مائٽ پوليس اهلڪار جھمپير ٿاڻي تي مقرر آهن، جيڪي ڪيس تي نه رڳو اثر انداز ٿي رهيا آهن پر مٿن به ڌٻاءُ وجھي رهيا آهن ته هو ڪيس تان هٿ کڻن.