خيرپور (رپورٽر) بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي خيرپور طرفان ماحولياتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي. شهيد بي بي يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش مهر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ماحولياتي گدلاڻ سڄي دنيا سان گڏ سنڌ جو پڻ اهم مسئلو بڻجي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هر شعبي ۾ پلاسٽڪ جي استعمال کي گهٽائڻ انتهائي ضروري آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، چائنا کان آيل يايويان چن، ڊاڪٽر شرجيل نور چنا ۽ ٻين چيو ته ماحولياتي گدلاڻ سڄي دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهي. ماحوليا ت جي مناسبت سان گڏيل مباحثو پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ قمر الزمان شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر حيدر عباس موسوي، پروفيسر ڊاڪٽر حسين بخش مري، انجنيئر عبدالجبار شيخ، ڊاڪٽر زبير احمد، رياض احمد، توحيد غني مهيسر، ساجد علي راجپوت، عبدالوهاب شيخ ماحوليات بابت خيالن جو اظهار ڪيو.