شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ جي مسڻ پاڙي جو رھواسي 8 سالن جو نينگر پراسرار نموني گم وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مسڻ محلي جي رھواسي گل حسن گولو اي سيڪشن ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته منهنجو 8 سالن جو ڀاڻيجو محمد عمر پٽ نيڪ محمد گولو گذريل ٽن ڏينهن کان گهران شھر جو چئي نڪري  گم ٿي ويو جيڪو گهر واپس نه آيو. نينگر جي مامي گل حسن گولو اين سي ۾ ڄاڻايو آهي ته منهنجي ڀاڻيجي محمد عمر گولو کي عبدالرحيم عرف چوڌري شمبوزئي اغوا ڪري ويو آهي. نينگر جي والد نيڪ محمد گولو ۽ گل حسن گولو سميت ٻين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس  پي قمبرشھدادڪوٽ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته اسان جي نينگر محمد عمر گولو کي جلد بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.