دادو ( رپورٽر ) ڦلجي وليج جي ڳوٺ دهران جمالي جي رهواسين اظهر ، ياسين ۽ سڪندر جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته 10 ڏينهن اڳ ايس ايچ او بينظير جمالي اڪبر جمالي کي گرفتاري آزاد ڪرڻ لاءِ 2 لک رپين جي گهر ڪئي رقم نه ڏيڻ تي پوليس اڪبر جمالي کي گم ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته اڪبر جمالي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو