شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) جيڪب آباد کان ايندڙ اوڍا سم شاخ جي پاڻي جو زور گھٽائڻ ۽ شھر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ڀانڙي جي وانڍ ڀرسان آر بي او ڊي 3 سم کي ضلعي انتظاميا پاران ھڪ سو فوٽن جو ڪٽ لڳايو ويو آهي.مليل ڄاڻ موجب آربي او ڊي ذريعي ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي کي زيرو پوائنٽ کان حمل ڍنڍ کان پوءِ منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو. ضلعي انتظاميا پاران ميڊيا کي ٻڌايو ويو آهي ته اوڍا سم شاخ جي پاڻي کي رستو ڏيئي آر بي او ڊي 3 ذريعي ڇوڙ ڪرائي رھيا آهيون.باءِ پاس تي شھر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ڏنل رنگ بند تان دٻاءُ گهٽجي رھيو آهي. ٻئي طرف وارڊ نمبر 5، وارڊ نمبر 3 ،وارڊ نمبر 4، وارڊ نمبر 10 ۽ وارڊ نمبر 9 جي سڀني محلن ۾ پاڻي 5 فوٽن تائين بيٺل آهي. جڏھن مختلف ڳوٺن جنهن ۾ جيئند خان جروار، گل محمد جروار، شھبازي چانڊيو، ٻوڦو جمالي، شھپور جمالي، شوڪت جروار، اعتبارچانڊيو، ڳوٺ ڌنگ سميت ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ 10 فوٽن تائين ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي. مختلف شاخن ۽ سم شاخن جي پاڻي کي رستو ڏيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۽ قمبر ڳڙھي خيرو جيڪب آباد سميت ٻين روڊن کي ڏنل ڪٽن کي اڃان تائين بند ناهي ڪيو ويو،مختلف روڊن کي ڏنل ڪٽ بند نه ڪرڻ سبب شھدادڪوٽ جو زميني رابطو ڪٽيل آهي.