حيدرآباد/ سکر (رپورٽ: فيض کوسو/ فاروق سومرو) سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا 6 لک 4 هزار 147 ڪيوسڪ تي پهتا آهن، سکر بئراج وٽ وهڪرن ۾ لاٿ سبب هاڻي ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي وڌڻ جو سلسلو بند ٿي ويو آهي، 4 ڏينهن کانپوءِ ڪوٽڙي بئراج وٽ وهڪرن ۾ لاٿ اچڻ جو امڪان آهي، هلندڙ ٻوڏ واري پاڻي جو اهو وڏو وهڪرو آهي، جيڪو هن وقت ڪوٽڙي بئراج وٽان گذري رهيو آهي، ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم ۾ 5 لک 83 هزار 822 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ٿي رهيو آهي، ڪوٽڙي بئراج جا واهه 19 هزار 875 ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت ڪري رهيا آهن ۽ انهن واهن جي کڻت ۾ روزانو جي بنياد تي اضافو ڪيو پيو وڃي. سکر وٽ پاڻي جا وهڪرا لاٿ کائي 3 لک 88 هزار 122 ڪيوسڪ تي پهتا آهن. گڊو وٽ به پاڻي ۾ رڪارڊ لاٿ آئي آهي ۽ بئراج جو هيٺانهون توڙي مٿانهون وهڪرو 2 لک 47 هزار 922 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي. تونسا وٽ پاڻي جا وهڪرا انتهائي لاٿ ۾ اچي ويا آهن جتي بئراج جو هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 94 هزار 111 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. پنجند وٽان 11 هزار 168 ڪيوسڪ پاڻي سنڌو ندي ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي. ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جا وهڪرا وڌڻ جي ڪري بندن تي دٻاءُ آهي ۽ مختلف 4 هنڌن تي پاڻي روڻ هڻي ٻاهر نڪتو جنهن کي فوري طور تي بند ڪيو ويو. بندن تي دٻاءُ سبب آبپاشي عملدارن کي چوڪس ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم کان هيٺ سمنڊ تائين بندن جي صورتحال جي حوالي سان گفتگو ڪندي چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج حاجي خان جمالي اعتراف ڪيو ته چئن هنڌن تي بندن کي روڻيون لڳيون هيون جن کي فوري طور بند ڪيو ويو. هن چيو ته دادو-مورو پل وٽ پاڻي جا وهڪرا ٺهراءُ ۾ اچي ويا آهن جتي لاٿ کانپوءِ چئن ڏينهن بعد ڪوٽڙي بئراج وٽ لاٿ اچڻ شروع ٿيندي. هن چيو ته اضافي پاڻي منڇر ڍنڍ ۽ مختلف ڇنڊڻن وٽان درياهه ۾ داخل ٿي رهيو آهي جيڪو ڪوٽڙي بئراج تي اضافي طور رڪارڊ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته درياهه جي ساڄي پاسي بيٺل پاڻي منڇر ڍنڍ ذريعي سنڌو ۾ ڇوڙ ٿيندو ۽ اهو پاڻي نيڪال ٿيندي به هڪ مهينو کائي ويندو. ان کانسواءِ درياهه ۾ لاٿ کانپوءِ کاٻي پاسي روهڙي ڪئنال ۽ ٻين هنڌن تي بيٺل پاڻي به سنڌو درياهه ۾ ئي ڇوڙ ٿيڻو آهي ۽ اهو پاڻي تڏهن ئي ڇوڙ ٿي سگهندو جڏهن ته سنڌو جي وهڪرن ۾ لاٿ ايندي. هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج ۽ سمنڊ تائين وهڪرن ۾ لاٿ واري عمل کي هڪ هفتو گهربل هوندو تيستائين صورتحال کي باريڪ بيني سان مانيٽر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماڻهن ۾ خوف بجاءِ آهي ڇاڪاڻ ته برساتن سنڌ ۾ تباهي آندي. اسان جي پوري پوري ڪوشش آهي ته درياهه جي بندن کي ڪو مسئلو نه ٿئي ته جيئن ماڻهو محفوظ رهن.