ڪنڊيارو: ڪنڊيارو ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 12 تان پ پ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيل ڪائونسلر، اڳوڻي ايم پي اي سيد آفتاب علي شاهه جي پٽ ۽ چيف انجنيئر سيد سردار شاهه جي ڀائيٽي عابد علي شاهه روهڙي ڪئنال کي ڪٽ ڏيڻ واري امڪان کي رد ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏھن ڪنڊيارو شھر ٻڏو ته هو پنهنجي چاچي چيف انجنيئر سکر بئراج سيد سردار شاهه کي گولي هڻي ڇڏيندو، اهڙي چتاءَ جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي، وائرل ٿيل وڊيو ۾ هن پ پ ايم پي سرفراز حسين شاهه تي الزام هڻندي چيو ته هن سموري شھر جي کڏن تي قبضو ڪيو آهي، جنهن سبب ڪنڊيارو ٻڏي رهيو آھي، هن چيو ته ايم پي اي جو پٽ مرتضيٰ شاهه روزانو ڪوڙا ڊراما ڪري شھرين جو جئيڻ جنجال پيو بڻائي، عابد شاهه جي اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪنڊيارو جي شھرين مان ٻوڏ وارو خوف ختم ٿي ويو آهي،