ڪنڊيارو (رپورٽ وحيد ميمڻ) روهڙي ڪئنال کي ڪنڊيارو وٽان ڪٽ ڏيڻ لاءِ آبپاشي عملدار 10 کان وڌيڪ پوليس موبائيلون ساڻ ڪري روهڙي ڪئنال ريگيوليٽر تي اچڻ واري اطلاع تي سوين شھري پ پ ايم پي اي سرفراز شاهه ۽ غلام مرتضيٰ شاهه جي اڳواڻي ۾ روهڙي ڪئنال ريگيوليٽر تي پهچي ويا، جنهن سبب سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، اهڙي صورتحال سبب ڪمشنر شھيد بينظير آباد رشيد زرداري، ڊي آءِ جي عرفان بلوچ، ڊي سي نوشھرو فيروز تاشفين عالم پڻ ڪنڊيارو پهچي ويا، بعد ۾ ايم اين اي ابرار علي شاهه، سرفراز شاهه، احمد علي شاهه، زوهيب شاهه، مرتضيٰ شاهه، فقير علي مرتضيٰ لوڙھائي انسپيڪشن بنگلو تي عملدارن وٽ پهتا، جتي ڪمشنر کين ٻڌايو ته روهڙي ڪئنال کي ڪٿان به ڪٽ نه پيو هنيو وڃي، ڪجھه شرپسند اجائي واويلا ڪري افواهه ڦهلائي رهيا آهن، آخري اطلاعن موجب 6 ڪلاڪن جي ميٽنگ بعد آبپاشي وزير ڄام خان شورو ۽ چونڊيل نمائندن روهڙي ڪينال جا در بند ڪري پاڻي ڪنڊيارو جي ڇنڊڻ کان درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ ضياءُ الحسن لنجار جي اهڙي فيصلي بعد روھڙي ڪينال جا ريگيوليٽر وٽان در بند ڪيا ويا، جڏهن ته ڪنڊيارو جي رهواسين فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته ڇنڊڻ جا بند ڪمزور آھن، روهڙي ڪينال مان پاڻي ڇنڊڻ ۾ ڇڏيو ويو ته بند ٽٽي پوندا، جنهن ڪري ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو آھي، آبپاشي وزير چيو ته درياهه جي وهڪرن ۾ گهٽتائي آئي آھي، جنهن ڪري سنڌ جي مختلف ڇنڊڻن مان پاڻي جو ڇوڙ درياه ۾ ڪري رهيا آھيون، هڪ سوال جي جواب ۾ ضياءُ الحسن لنجار چيو ته الله جو شڪر آهي ته پاڻي نيڪال ٿي رهيو آھي،