حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزارت حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي سي اي او نور احمد سومرو کي هٽائي ڇڏيو آهي، ڊپٽي سيڪريٽري ڊسڪوز اڪبر اعظم راڄڙ پاران جاري نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حيسڪو مقرر چيف انجنيئر رياض پٺاڻ کي سي اي او جي لڪ آفٽر چارج ڏني وئي آهي، جڏهن ته چيف انجنيئر نور احمد سومرو کي سيپڪو سکر اماڻيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن جون ڪاپيون لاڳاپيل عملدارن ڏانهن به اماڻيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي وزير خرم دستگير حيدرآباد جي دوري تي پهتو هو، جتي هن حيسڪو ۾ ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزو ورتو ۽ جائزو وٺڻ دوران حيسڪو چيف نور احمد سومرو جي ڪم مان مطمئن نه ٿيو، جنهن ڪري هن سندس خلاف اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهايو ۽ سندس ڪارڪردگي خراب هئڻ سبب عهدي تان ئي هٽايو ويو آهي.