شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور ڀرسان 7 ورهين جي نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جا جزا ميچ نه ٿيا، ڪيس ڊرامائي رخ اختيار ڪري ويو، ڊي اين اي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار جا جزا نينگري جي جزن سان ميچ ناهن ٿي سگهيا جڏهن ته زيادتي واري واقعي ۾ ميڊيڪل چڪاس ۾ معصوم نينگري سان زيادتي جي تصديق ٿي آهي گڏوگڏ جوابدار نيوو ڪولهي پاران معصوم نينگري سان جنسي ڏاڍائي جو اعتراف به ڪيو ويو آهي ان باوجود ڊي اين اي ميچ نه ٿيڻ تي پوليس پاران اماڻيل جزن تي شڪ پيدا ٿي ويو ۽ رپورٽ جي نيگيٽو اچڻ تي ڪيترن ئي سوالن جنم پڻ ورتو آهي. زيادتي واقعي بابت 3 مهينا اڳ ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نينگري توڙي جوابدار جا سيمپل وٺي ليبارٽري اماڻيا ويا هئا جنهن ۾ ڊي اين اي ميچ نه ٿيڻ سبب پوليس جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿي ويا ۽ ڪيس ڪمزور ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، قانوني ماهرن موجب ڊي اين اي ميچ نه ٿيڻ سبب جوابدار کي ڪيس ۾ گِهٽيون ملي وينديون ۽ ڪيس ڪمزور ٿي ٽُٽي وڃڻ جو خدشو آهي، زيادتي جي تصديق ٿيڻ باوجود ڊي اين اي ميچ نه ٿيڻ تي ليبارٽري اماڻيل جزا شڪي قرار ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته ڪيس ۾ جاچ آفيسر به ڊي اين اي رپورٽ کي چيلينج ناهي ڪيو ۽ 3 مهينا گذرڻ باوجود هن مهل تائين ڪيس جو پڪو چالان به عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو ويو، ان حوالي سان جاچ آفيسر ليڊي انسپيڪٽر ڪوثر موجب نينگري سان زيادتي ٿيل آهي پر جوابدار جا ڊي اين اي سيمپل ميچ ناهن ٿيا، هن موجب ڪيل جاچ جي آڌار تي ڪيس کي چالان ڪنديس ۽ ٽرائل ۾ زيادتي ثابت ڪري جوابدار کي سزا ڏيارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنديس، جاچ آفيسر موجب رپورٽ چيلينج ڪرڻ سندس اختيار ۾ ناهي.