جهنڊومري: ويم دوران عورت فوت، ڊاڪٽرياڻي تي غفلت الزام

0
293

جهنڊومري (ن پ ا) جهنڊومري جي پي پي ايڇ آئي سينٽر الهرکيو پٺاڻ ۾ ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب 8 ٻارڙن جي ماء ويم دوران فوت، ڳوٺ سيد محبت شاھ بخاري واسي غلام مصطفي’ منڱريو جي گهر واري ويم دوران فوت ٿي وئي، عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته پي پي ايڇ آئي الهرکيو جي ڊاڪٽرياڻي ڪميشن خاطر عورت کي نجي اسپتال ريفر ڪيو، هنن چيو ته ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب عورت هڪ ڪلاڪ تائين اسپتال ۾ تڙپندي رهي، اسپتال مان ايمبولينس به نه ملي سگهي پرائيوٽ گاڏي ذريعي اسپتال کڻائي وياسين، جڏهن ته ان حوالي سان پي پي ايڇ آئي الهرکيو پٺاڻ جي ڊاڪٽر پاران موقف ڏيڻ کان ڪڌو انڪار ڪيو ويو آهي، پي پي ايڇ آئي الهرکيو جي ڊاڪٽر پاران موقف کان ڪڌو انڪار ٽائيم نيوز رپورٽر سان بڌتميزي ڪئي ۽ موقف وٺڻ لاء پهتل ٽائيم نيوز جي ٽيم مٿان ڊاڪٽر ڏمرجي پيو.