ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ 6 مهينا اڳ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل سفينا جي ڊيلر ملا ارشاد قتل ڪيس ۾ پوليس وڌيڪ 3 جوابدار گرفتار ڪري ورتا، عدالت ۾ پيش، گرفتار جوابدارن جو انگ 6 ٿي ويو. ٽنڊوآدم جي شاهه فيصل اسٽريٽ ۾ 6 مهينا اڳ لکين ريپن جي ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي قتل ٿيل سفينا ڊيلر ملا ارشاد چندريگر جي قتل ڪيس ۾ پوليس وڌيڪ ٽن جوابدارن طلحى شيخ، نعمان آرائين ۽ شاهزيب چندريگر کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس گرفتار ٽنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٽنهي جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت هن ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن جو انگ 6 ٿي ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس 2 جوابدارن وقاص چندريگر ۽ بلال ملڪ کي گرفتار ڪيو هو جن جي سڃاڻپ ڪيس جي فريادي شمشاد چندريگر ڪئي هئي. جڏهن ته اڳ ۾ پوليس هڪ ڄڻي آصف شاهه کي جوابدارڄاڻائي ڇڏيو هو جيڪو پڻ ضمانت تي آزاد آهي ڪيس جي جاچ ۾ جوابدار آصف شاهه جو فيصلو ٿيڻو آهي ته اهو ڪيس ۾ ملوث آهي يا کيس بي گناهه چالان ڪيو ويو آهي.