جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد نيب ٽيم تي تشدد وارو مامرو، عدالت پاران صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي، سندس پٽ ۽ سئوٽ جا نالا ڪيس ۾ شامل، ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري، صوبائي صلاحڪار کي فرار ڪرائڻ جو انڪشاف. خبر موجب جيڪب آباد ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي گھر تي نيب ڇاپي دوران تشدد واري ڪيس ۾ صوبائي صلاحڪار سندس پٽ رافع جکراڻي سئوٽ مجيب جکراڻي جا نالا جوابدار طور شامل ڪيا ويا آهن، فرسٽ سول جج امتياز لاکير جي عدالت ٽنهي ڄڻن جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪيا، جج پنهنجي تحريري فيصلي ۾ لکيو ته صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي پنھنجي گھر ٻاهران ماڻهو گھرائي نيب ٽيم تي تشدد ڪرايو، جنهن بعد ھو موقعي تان فرار ٿي ويو، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس نيب ٽيم تي حملي وارو ڪيس ڪمزور ۽ جوابدارن کي فرار ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، جج ايس ايچ او خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي لکيو آهي، جج پنهنجي تحريري فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو ته صوبائي صلاحڪار جو پٽ رافع جکراڻي، مجيب جکراڻي نيب ٽيم تي تشدد دوران فوٽيجز ۾ نظر اچي رهيا هئا پر پوليس پنهنجي ناقص جاچ ۾ انهن جا نالا شامل ناھن ڪيا، عدالت صوبائي صلاحڪار سميت ٽن جوابدارن جي ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي لکيو ته جوابدار ضمانت ڪرائي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته عدالت پاران ھفتو اڳ اھو فيصلو جاري ڪيو ويو پر ان باوجود به جيڪب آباد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او سول لائن محمد شريف مھر سان رابطو ڪري صوبائي صلاحڪار جو نالو ڪيس ۾ شامل ٿيڻ بابت پڇيو ويو ته ايس ايچ او تفصيل ڏيڻ بدران مڇرجي پيو ۽ اھو چئي ڪال ڪٽي ڇڏيي ته مون کي ڇا خبر آھي، جو مون کان پڇا ٿا ڪريو.