حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ پٽن پاران پيرسن مائرن تي تشدد واري معاملي جو اي آءِ جي نوٽيس وٺي ڇڏيو، ٻنهي ضلعن جي ايس ايس پيز کي واقعن جو ڪيس داخل ڪري مائرن تي تشدد ڪندڙ نافرمان اولاد کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل احمد جي ميڊيا سيل جي انچارج محمد نعيم جي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اي آءِ جي 24 جولاءِ تي لطيف آباد نمبر 5 ۾ 70 سالن جي پيرسن عورت گلشن بانو ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ مسمات ڪريمان تي تشدد وارن معاملن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته والدين دنيا جي عظيم هستي آهن جن تي تشدد ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اي آءِ جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري سندن گرفتاري جو حڪم پڻ ڏنو آهي. واضح رهي ته 3 ڏينهن اڳ فيصل ديسوالي نالي نوجوان جو موٽرسائيڪل گهر جي دروازي تي بيهارڻ واري معاملي تان پنهنجي ڀائٽي حسيب سان تڪرار ٿيو جنهن دوران سندس وڏي ڀاءُ انعام الدين پهچي ابتدائي طور تشدد ڪيو جنهن تي سندن والده گلشن بانو وچ ۾ پئي معاملو ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان دوران وحشي صفت انسان انعام الدين ديسوالي پنهنجي ٻن پٽن نويد احمد ۽ حسيب ديسوالي سان گڏجي پنهنجي ٻڍڙي ماءُ تي وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن دوران سندس ٻئي هٿ ۽ پير ڀڄي پيا هئا. گڏوگڏ ٽنڊو محمد خان ۾ پڻ بي رحم پٽ اڪرم علي پنهنجي والده مسمات ڪريمان تي تشدد ڪيو. ٻئي واقعا ميڊيا تي رپورٽ ٿيا جن جو ايڊيشنل آءِ جي نوٽيس وٺندي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو.