اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم جي اجلاس کان هڪ ڏينهن پهريان نواز ليگ جي صدر شهباز شريف جي پارٽي اڳواڻن سان گڏ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، اڄ ڇنڇر ڏينهن پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي جي پي ڊي ايم اتحاد ۾ شامل رهڻ يا نه رهڻ بابت گڏيل مشاورت سان فيصلو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، تفصيل موجب اڄ ڇنڇر ڏينهن تي پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جو اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ ٿيندو، اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ مسلم ليگ (نواز) جي صدر ميان شهباز شريف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، شهباز شريف سان گڏ ملاقات ۾ احسن اقبال، رانا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، رانا تنوير، سردار اياز صادق به موجود هئا، ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اڄ ڇنڇر ڏينهن تي پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ ملڪي صورتحال ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ سوڌو سمورن مامرن تي غور ٿيندو، افغانستان جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي، اجلاس ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون موجود هونديون، اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي جي پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو مشاورت سان ٿيندو، جنهن جو پي ڊي ايم سربراهه اعلان ڪندو، هن چيو ته ڪنهن به هڪ پارٽي کي ٻي پارٽي کي وٺي اچڻ ۽ ڇڏي ڏيڻ جو اختيار ناهي، منهنجي پيپلز پارٽي ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڪا ذاتي راءِ ناهي، نواز ليگ جي راءِ هوندي آهي، مون دعوت تي سمورن پارلياماني ليڊرن کي گهرايو هو، منهنجي دعوت جو پي ڊي ايم جي مامرن سان ڪو تعلق نه هو، شاهد خاقان عباسي وضاحت ڪري چڪو آهي، مون کي سمورين پارٽين قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر چونڊيو آهي، مون مٿان فرض آهي ته قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ سوڌو مامرن بابت گڏيل حڪمت عملي ٺاهيان ته جيئن حڪومت کي وائکو ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪورونا ويڪسين لڳائڻ بابت پاڪستان پوئتي پيل ملڪن کان به پوئتي آهي، کنڊ سميت اسڪينڊلن جي جيترو پيسو نظر ٿيو اهو پيسو ضايع نه ٿئي ها ته ڪورونا ويڪسين لڳائڻ وارو مامرو بهتر هجي ها، عمران خان ڏينهن رات مديني رياست جو ذڪر ڪندو آهي پر عمل ابتڙ آهي، ڪورونا ۾ جيئن حڪومت مجرماڻي غفلت ڪئي آهي ڇا ان کان به وڌيڪ ڪا مجرماڻي غفلت ٿي سگهي ٿي، اسان رڳو امداد ۾ ملندڙ ڪورونا ويڪسين تي ڀاڙيو، پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان ۾ قوم تي جيڪي سليڪٽيڊ مڙهيا ويا آهن اهي نااهل ثابت ٿيا آهن، انهن کي سهارو ڏيڻ جرم آهي، هر ڪنهن کي غلطين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، پوءِ اهي ادارا هجن يا پارٽيون هجن، ادارن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، هر جاءِ تي حملا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته هاڻي بند ڪمري جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي، اسان کي معلوم آهي ته هن وقت چين سان تعلقات ڪهڙا آهن، جيڪڏهن پاڪستان پنهنجا اڏا آمريڪا کي ڏنا ته افغانستان ۽ طالبان جو اعتماد به حاصل نه ڪري سگهنداسين، آمريڪا کي اگر بلوچستان ۾ اڏا ڏنا ويا ته ايران جو اعتماد به حاصل نه هوندو، موجوده حڪمرانن کي پرڏيهي پاليسي جي اصولن جي به خبر نه آهي، مان هاڻي ئي ٻڌائي ڇڏيان ته بجيٽ جي انگن اکرن ذريعي وڏا ڪوڙ ڳالهايا ويندا، هن چيو ته پي ڊي ايم جو اڄ ڇنڇر ڏينهن اجلاس ٿيندو، هن چيو ته تنظيم جي جمهوري اصولن جو مامرو آهي، اگر 9 پارٽين جي هڪ راءِ ۽ هڪ پارٽي جي هڪ راءِ ته هڪ پارٽي کي 9 پارٽين سان گڏ بيهڻ گهرجي، پي ڊي ايم جِي 9 جماعتن آڏو پيپلزپارٽي کي سرينڊر ڪرڻ گهرجي ها، ائين ناهي ته اوهان اڪيلا صحيح آهيو، باقي سڀ چريا آهن..