حافظ آباد (م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جڏهن اتحاد ۾ اعتماد ناهي هوندو تڏهن رستا الڳ ٿي ويندا آهن. حافظ آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اعتماد ۽ اتحاد ٽوڙيندڙ پيپلز پارٽي کي ڪرسي مبارڪ هجي. هن چيو ته پيپلز پارٽي معمولي ڪرسي جي ڪري پي ڊي ايم جو اعتماد ۽ حلف ٽوڙيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جيستائين اعتماد بحال نٿي ڪري ان جي پي ڊي ايم ۾ ڪا به جاءِ ناهي.