پشاور (م ڊ) ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ قبائلي ضلعن سان تعلق رکندڙ ميمبر اسپيڪر ڊائيس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ميمبرن ترقياتي فنڊ ملڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو به اعلان ڪيو، اسپيڪر ڌرڻو هڻندڙ ميمبرن کي چيو ته ايوان ۾ دسترخوان نه لڳايو، بس هاڻي اٿو. ٻئي طرف سڌ سماءَ بابت خاص صلاحڪار ڪامران بنگش جو چوڻ آهي ته قبائلي ضلعن جي ميمبرن جو ايوان ۾ احتجاج درست نه آهي، انهن جي وزيراعليٰ سان ملاقات به ڪرائي وئي آهي.