اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي ذريعن موجب جهانگير ترين جي گرفتاري لاءِ ورڪنگ پيپرز جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي جي ذريعن موجب وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ايف جي آءِ اي اچڻ کان پوءِ کان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين بابت ڪيسز جي جاچ ۾ هڪ دفعو ٻيهر تيزي اچي وئي آهي، جنهن کان پوءِ جهانگير ترين ۽ ان جي گهر ڀاتين خلاف داخل ڪيس جي جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي جي ذريعن موجب جهانگير ترين جي گرفتاري لاءِ ورڪنگ پيپرز جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. جنهن لاءِ ڪيسز جي جاچ ٽيم جي سربراهي به هڪ دفعو ٻيهر ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڊاڪٽر رضوان جي حوالي ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) سوا 3 ارب رپين جي مالياتي فراڊ تي جهانگير ترين، سندس پٽ علي ترين، ناٺي ۽ فيملي جي ٻين گهر ڀاتين تي 2 ڪيس داخل ڪيا آهن.