جنيوا (م ڊ) گڏيل قومن غزا جنگ ۾ جنگي ڏوهن جي جاچ لاءِ اسرائيل خلاف پاڪستان جي قرارداد منظور ڪري ورتي، جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ غزا جي علائقي ۾ اسرائيلي بمباري دوران انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ جنگي ڏوهن بابت عالمي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي . قرارداد ۾ چيو ويو ته مستقل آزاداڻي جاچ ڪميشن قائم ڪئي ويندي، جيڪا 11 ڏينهن تائين هلندڙ اسرائيلي بمباري ۽ حماس جي ميزائل حملن دوران غزا، اولهه ڪناري، والاريل بيت المقدس ۽ اسرائيل ۾ مبينا انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو جائزو وٺي رپورٽ جوڙيندو. گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ آزاداڻي جاچ ڪميشن جوڙڻ جي قرارداد اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي تعاون سان پاڪستان پاران پيش ڪئي وئي، جنهن جي حق ۾ 24 ووٽ پيا، جڏهن ته مخالفت ۾ صرف 9 ووٽ آيا، جڏهن ته ڀارت سميت ٻين 14 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ٻئي طرف اسرائيل روايتي هڪ هٽي جو مظاهرو ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي قرارداد کي رد ڪندي تعاون نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسرائيلي وزيراعظم چيو آهي ته شرمناڪ فيصلو گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جي اسرائيل مخالف قدمن جو هڪ ٻيو مثال آهي. آمريڪا به گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جي جاچ ڪميشن بابت قرارداد جي مخالفت ڪندي چيو ته ان قدم سان خطي ۾ هن وقت تائين امن لاءِ ٿيل ڪوششن کي خطرا درپيش ٿي ويا آهن.