ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي ) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 949 هيڊماسترن جي پڪو ٿيڻ جون اميدون ختم، سنڌ هاءِ ڪورٽ هيڊماسترن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سندن ڪانٽريڪٽ ۾ 6 مهينن تائين واڌ جي هدايت، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊماستررن کي پڪو نه ڪرڻ تي تعليم واري سيڪريٽري ۽ ٻين خلاف داخل ڪرايل توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران تعليم واري سيڪريٽري احمد بخش ناريجو عدالت ۾ پنهنجو جواب داخل ڪرايو. تعليم واري سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته سمورن آءِ بي اي پاس هيڊماسترن جي ٽيسٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وٺندي. عدالت تعيلم واري سيڪريٽري کي ٻن هفتن اندر هيڊماسترن جا سمورا تفصيل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي. عدالت حڪم ڪيو ته 949 هيڊماسترن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 6 مهينن اندر ٻيهر امتحان وٺندو، عدالت هيڊماسترن جي ڪانٽريڪٽ ۾ 6 مهينن تائين واڌ ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. هوڏانهن سنڌ تعليم کاتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري کي هڪ خط لکي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪري 17هين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيل هيڊماسترن کان ٻيهر امتحان وٺڻ جو چيو آهي.