اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان ڌانڌلي نه، پر نيوٽرل امپائر ذريعي کٽڻ وارا آهيون، جي ڊي پي جي گروٿ تي مخالف حيران ٿي ويا آهن، پاڪستان ڏکئي وقت مان نڪري ويو، هاڻي سٺو وقت اچڻ وارو آهي، رشڪئي خصوصي اڪنامڪ زون جي ڪمرشل لانچ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون چوندو هئس ته گهٻرائڻو ناهي، پوءِ به عوام گهٻرائجي ويندو هو، هاڻي ملڪ ترقيءَ جي دڳ تي اچي ويو آهي، 10 مهينن کان ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس آهي، اسان وٽ ڊالرز اچي رهيا آهن، حڪومت ملي ته ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو خسارو هو،مخالف به حيران ٿي ويا آهن ته معاشي ترقي 4 سيڪڙو تي ڪيئن پهتي آهي. دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ چين آهي، اسان کي چين جي ترقي مان سکڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊائون لاءِ مون تي دٻاءُ وڌو ويو هو، ڪورونا جي صورتحال ۾ وفاقي سرڪار فيصلو ڪيو ته مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪرڻو آهي، لاڪ ڊائون لڳايون ها ته پاڪستان جو به ڀارت جهڙو حال هجي ها. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل صنعتڪاري ۾ آهي، رشڪئي اقتصادي زون جي علائقن جي زمينون وڪرو نه ڪيون وڃن پر ليز تي ڏنيون وڃن، اسان کي ايڪسپورٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، عمران خان چيو ته جيئن جيئن معيشت وڌنڌي ماڻهو امپورٽس طرفان ويندا، ان کي روڪڻو آهي، پاڪستان جو مستقبل انڊسٽريلائزيشن ۾ آهي، اولهه جي انڊسٽريلائزيشن پراڻي طرز جيان آهي، هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ سيڙپڪارن لاءِ سهولت فراهم نه ڪئي وئي، صوبائي حڪومتون ۽ مرڪز سيڙپڪارن لاءِ آسانيون پيدا ڪن.