ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾تيزي: 2004ع جو رڪارڊ ٽٽي ويو، ان ڏس ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 300 پوائنٽس جي اضافي سان 47126 پوائنٽس جي نفسياتي حد پار ڪري ويو، 64 ارب رپين جي اضافي سان سرمائي جو مجموعي حجم 81 کرب رپين کان وڌي ويو،ڪاروباري تيزي سبب 58 سيڪڙو شيئرز جون قيمتون به وڌي ويون، ڪالهه اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٽيلي ڪام، بينڪنگ، پيٽروليم، اسٽيل، آئل اينڊ گيس، توانائي ۽ فوڊ سيڪٽرز ۾ واپاري سرگرميون بلندي تي رهيون، ڪاروبار جي ختم ٿيڻ واري وقت تائين ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 335.54 پوائنٽس وڌي وئي، ڪاروباري تيزي سبب مارڪيٽ جي سيڙپڪاري 64 ارب 56 ڪروڙ33 لک 98 هزار 149روپين جي اضافي سان رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سرمائي جو مجموعي حجم 80 کرب 66 ارب 69 ڪروڙ71 لک 79 هزار 498 رپين کان وڌي 81 کرب 31 ارب، 26 ڪروڙ 5 لک 77 هزار 647 رپيا ٿي ويو، مارڪيٽ ۾ 22 ارب جي ماليت جا 95 ڪروڙ 98 لک 86 هزار شيئرز جا سودا ٿيا، جڏهن ته 414 ڪمپنين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن۾ 239 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 160 ڪمپنين جي شيئرز ۾ گهٽتائي ۽ 15 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمت مستحڪم رهي.