اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي مقامي عدالت پاران ادارن ۾ بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ شهباز گل مٿان فرد جرم 29 نومبر تي لاڳو ڪيو ويندو، عدالت شهباز گل سوڌو ٻين جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو آهي، ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس شهباز گل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن کانپوءِ فرد جرم لاءِ 29 نومبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي.