لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پاڪستان ۾ استحڪام جو حل چونڊون قرار ڏئي ڇڏيون آهن. لاهور جي زمان پارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته چونڊن ڏانهن وڌڻ گھرجي ملڪ ۾ استحڪام ايندو. هن چيو ته اسان کي ادارن کي تڪراري نه بڻائڻ گھرجي، حڪومتي ماڻهو ئي تقريرن کي تڪراري بڻائي رهيا آهن جيڪو نه ٿيڻ گھرجي. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ استحڪام تقريرن سان نه چونڊن سان ايندو، اسان جو مارچ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان جي پاڙيسڙي ملڪ ۾ روڄ راڙو متل آهي ته سڀاڻي اسان ميچ کٽنداسين.