شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ عدالتي حڪم ادارن کي موڪليو ويو

0
397
شھباز شريف ناراض

لاهور (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جو تصديق ٿيل عدالتي حڪم لاڳاپيل ادارن ڏانهن موڪليو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي تصديق ٿيل لکت واري آرڊر جي ڪاپي وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي اميگريشن کي پڻ موڪلي وئي آهي. شهباز شريف جي قانوني ٽيم جي موجودگي ۾ ، لاهور هاءِ ڪورٽ جو تحريري آرڊر موڪليو ويو آهي ۽ عدالت جو تحريري حڪم هاءِ ڪورٽ جي ڊسپيچ برانچ وسيلي لاڳاپيل ادارن ڏانهن موڪليو ويو آهي. شهباز شريف جي وڪيلن حڪم نامو ميسينجر ذريعي گهرو وزارت کي موڪلڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار چيو ته اهو لکت ۾ نه چيو ويو آهي ته آرڊر ميسينجر ذريعي موڪليو وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي 8 هفتن لاءِ علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني هئي ، پر اڄ کيس لاهور ايئرپورٽ تي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪيو ويو هو.