ڪورونا ايس او پي تي عمل لاءِ پوليس جي ڇاپا مار ٽيم جو قيام

0
343
ڪنڌڪو: ڌاڙيل ٽڪر سبزوئي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪورونا ايس او پي تي عمل لاءِ پوليس جي ڇاپا مار ٽيم جو قيام، 5 پوليس آفيسرن تي مشتمل ٽيم شھر جي ڪاروباري مرڪزن ۽ بازارن ۾ ايس او پي تي عمل ڪرائيندي، ايس ڊي پي او ڪينٽ اي ايس پي علينا راڄپر جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي، آر آر ايف ۽ مدد گار 15 جا انچارج ٽيم جا ميمبر نامزد ڪيا ويا آھن، پوليس جي ٽيم بازارن جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جي وقت تي به عمل ڪرائيندي، ايس ايس پي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.