شهباز شريف اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ کي عمران خان تي فرد جرم قرار ڏئي ڇڏيو

0
210
ڪوشش آهي ته آئيني

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف اليڪشن ڪميشن جي جاچ ڪميٽي جي اسڪروٽني جي رپورٽ کي وزيراعظم عمران خان تي فرد جرم قرار ڏئي ڇڏيو

پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف جو چوڻ هو ته سچائي خاص انداز ۾ ماڻھن کي وائکو ڪري ٿي، اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ عمران خان خلاف واضح فرد جرم آهي

هن چيو ته سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته پي ٽي آءِ 7 سالن کان غير قانوني پرڏيهي فنڊنگ کان ڇو ڀڄي رهي آهي. ”صادق ۽ امين “ جي پردا جا بکيا اڏري رھيا آھن

ٻئي طرف جميعت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ ھو ته اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ سڀني جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي. رپورٽ ۾ فنڊن جي غلط استعمال جا اشارا انتهائي خطرناڪ رجحانن جي نشاندهي ڪن ٿا

هن چيو ته جن پرڏيهي طاقتن پي ٽي آءِ کي وڏي مالي مدد ڏني هئي. عمران خان هاڻي انهن قوتن جي مفادن جي حفاظت ڪرڻ ۾ مصروف آهي